پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پاران سندس نامزدگي فارم رد ڪرڻ واري اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پاران سندس نامزدگي فارم رد ڪرڻ واري اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، اليڪشن ٽربيونل طرفان اين اي 66 جهلم ۾ فواد چوڌري جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا هئا،

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري سندس نامزدگي فارم رد ڪرڻ واري اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.

تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ٽربيونل موجب پرڏيهه جي دورن تي 32 لک رپين جي خرچ جا تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا،

فواد چوڌري چيو ته ٽربيونل حقيقتن جي ابتڙ نامزدگي فارم رد ڪيا آهن. ٽربيونل نامزدگي ڪاغذ سان گڏ اثاثن جي دستاويزن جو جائزو به ناهي ورتو.

اپيل ۾ چيو ويو آهي ته ٽربيونل موجب، اثاثن جا تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا، نامزدگي ڪاغذن ۾ ايف بي آر جي تصديق ٿيل ڪاپي به لڳائي وئي هئي.

فواد چوڌري موقف اختيار ڪيو آهي ته ٽربيونل دستاويزن کي نظرانداز ڪندي کيس نااهل قرار ڏنو، جنهن سبب فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*