پيپلز پارٽي ناراض اڳواڻ شبير بجاراڻي کي پرچائڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن

پيپلز پارٽي ناراض اڳواڻ شبير بجاراڻي کي پرچائڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، پ پ جي وفد شبير بجاراڻي وٽ پهچي ساڻس ڳالهيون ڪيو، وفد ۾ شامل سيد ناصر شاهه چيو آهي ته شام تائين ڳالهين جي ڪاميابي جي خوشخبري ملي ويندي.

پ پ جي ناراض اڳواڻ شبير بجاراڻي  سان ڳالهين لاءِ اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه، سيد ناصر شاهه ، مڪيش ڪمار چاولا، سهراب سرڪي ۽ امداد پتافي تي مشتمل وفد ڪرمپور پهتو.

ڪرمپور۾شبير بجاراڻي سان  سندس گهر ۾ ڳالهيون ڪيون ويون  جيڪي4 ڪلاڪن تائين جاري رهيون.

چئن ڪلاڪن تائين ڳالهين کانپوءِ شبير بجاراڻي پ پ جي وفد سان گڏ روانو ٿي ويو.

ان موقعي تي وفد ۾ شامل سيد ناصر شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شام تائين ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي خوشخبري ملڻ جي اميد آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*