تحريڪ انصاف کان پوءِ پيپلزپارٽي کي به ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

تحريڪ انصاف کان پوءِ پيپلزپارٽي کي به ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تي ڏکيائن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ملتان ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو گذريل ڏينهن کان بلاول هائوس ٻاهران ڌرڻو جاري  آهي.

پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ملتان ۾ بلاول هائوس ٻاهران سراپا احتجاج بڻيل آهي، گذريل ڏينهن کان ڌرڻو جاري آهي.

تڪ پي پي 270 جي مظهر پهوڙ کي ٽڪيٽ نه ملڻ تان گذريل رات کان ڪارڪن سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ ڪارڪنن پاران  نعريبازي به ڪئي پئي وڃي.

پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن ٽڪيٽن جي ورڇ واري معاملي تي ڪڪڙ بڻجي انوکو احتجاج به رڪارڊ ڪرايو.

ڪارڪنن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي ٻئي تڪ ۾ آزاد اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جو چيو پيو وڃي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري نوٽيس وٺي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*