لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪندي فواد چوڌري کي سندس اباڻي تڪ تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪندي فواد چوڌري کي سندس اباڻي تڪ تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ فواد چوڌري جي اپيل تي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٽربيونل موجب پرڏيهه جي دورن تي 32 لک رپيا خرچ جا تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا، حقيقتن جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٽربيونل نامزدگي ڪاغذ سان لڳايل اثاثن بابت دستاويزن جو جائزو ناهي ورتو، نامزدگي ڪاغذن ۾ ايف بي آر جي تصديق ٿيل ڪاپي به لڳائي وئي هئي.

فواد چوڌري موقف اختيار ڪيو ته ٽربيونل دستاويزن کي نظرانداز ڪندي نااهل قرار ڏنو، جنهن فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

عدالت ٻڌڻي  بعد فواد چوڌري جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ واري اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ کيس جهلم جي تڪ اين اي 67 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*