سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججن دارالامان سکر جو دورو ڪري اتي رهندڙ عورتن کان سندن مسئلا معلوم ڪيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججن دارالامان سکر جو دورو ڪري اتي رهندڙ عورتن کان سندن مسئلا معلوم ڪيا، مک گيٽ تي صفائي جو انتظام نه هئڻ تي ميونسپل عملي کي ڇنڊ پٽي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس فهيم صديقي ۽جسٽس عدنان اقبال سکر جي دارالامان جواوچتو دورو ڪيو.

دارالامان ۾رهندڙ عورتن بجلي جي لوڊ شيڊنگ، ٻارڙن لاءِ کير جي کوٽ ۽ ٻين مسئلن بابت ججن کي آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي ججن اتي موجود ڊپٽي ڪمشنر سکر کي دارالامان ۾ کير جو بندوبست ڪرڻ ۽ سولر سسٽم لڳرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

 ججن دارالامان جي دوري دوران انچارج جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جڏهن ته دارالامان جي گيٽ ٻاهران گندو پاڻي هجڻ تي ميونسپل عملي کي ڇنڊ پٽي ۽ فورن صفائي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*