پ پ جي ناراض اڳواڻ ڪمال چانگ کي پرچائڻ لاءِ فريال ٽالپر سندس گهر پهچي ملاقات ڪئي

پ پ جي ناراض اڳواڻ ڪمال چانگ کي پرچائڻ لاءِ فريال ٽالپر سندس گهر پهچي ملاقات ڪئي، ڪمال چانگ موجب فريال ٽالپر خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جمع ڪرايل نامزدگي فارم واپس وٺي پ پ اميدوارن جي حمايت ڪندس.

 پ پ جي ناراض اڳواڻ ۽ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندڙ ڪمال  چانگ کي پرچائڻ لاءِ فريال ٽالپر ڪراچي ۾ سندس رھائشگاھ تي پھتي.

فريال ٽالپر ڪمال خان چانگ سان ملاقات ڪري  سندس مطالبا ٻڌا ۽ خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.

ڪمال چانگ چيو ته فريال ٽالپر خدشا ختم ڪرڻ لاءِ مون وٽ آئي هئي، مطالبا ٻڌڻ بعد فريال ٽالپر خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته فريال ٽالپر پاران مطالبا منظور ڪرڻ بعد بدين جي تڪن تان ڀرايل نامزدگي فارم واپس وٺي پ پ اميدوارن جي حمايت ڪندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*