پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي,آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي

آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفرڪردار تائين پهچايو وڃي.

ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو ته ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي فريش ڪورس ڪرائي پسٽل الاٽ ڪيا وڃن.

هن چيو ته روڊ سيفٽي ۽ روڊ ايجوڪيشن لاءِ موٽروي پوليس سان رابطو ڪري ان جي مدد ورتي وڃي.

آءِ جي سنڌ چيو ته پارڪنگ مسئلي، روڊن جي خراب حالتن، حد دخلين جي خاتمي ۽ سيوريج سميت ڏنڊ وصولي وارن مسئلن بابت لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪيو وڃي.

آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو ته ڪراچي جي سڀني ضلعن ۾ ڊي ايل برانچ قائم ڪري جلد کان جلد ڪم جو آغاز ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*