دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آڻي ملڪ کي جلد پر امن بڻايو ويندو، وزيراعظم نواز شريف

 وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ماضي جي ناڪاري سياست کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي آپريشن کانپوءِ ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، عوام تسليم ڪيو آهي ته شهر جون حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آڻي ملڪ کي جلد پر امن بڻايو ويندو.

اسلام آباد ۾ سرگوڌا ڊويزن جي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مسلم ليگ ن جڏهن حڪومت سنڀالي ته ملڪ دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ توانائي جهڙي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو هو.

هن چيو ته حڪومت سڀ کان پهريان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر  ڳالهين جي ناڪامي بعد آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو، جيڪو ڪاميابي سان جاري آهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آڻي ملڪ کي جلد پر امن بڻايو ويندو.

وزيراعظم چيو ته حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ منصوبا جوڙيا آهن، ڪوئلي جي پيداوار مان به بجلي منصوبن تي توجهه ڏني پئي وڃي، 2017 تائين وڌيڪ 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ اچي ويندي.

وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته بجلي ۽ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، ڀاشا ڊيم جي تعمير لاءِ 50 ارب رپين ۾ ايراضي خريد ڪئي آهي، حڪومت جي مدت پوري ٿيڻ کان اڳ ملڪ کي مسئلن کان پاڪ ڪيو ويندو.

وزيراعظم اهو به چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان شروع ڪيو ويو، جنهن بعد ڏوهن ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ۽ ڪراچي جي عوام به تسليم ڪيو آهي ته شهر جون حالتون بهتر ٿيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*