آمريڪي رياست ميري لينڊ ۾ اخبار جي آفيس ۾ هٿياربند جي فائرنگ سبب مارجي ويلن جو انگ 5 ٿي ويو

آمريڪي رياست ميري لينڊ ۾ اخبار جي آفيس ۾ هٿياربند جي فائرنگ سبب مارجي ويلن جو انگ 5 ٿي ويو، 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، پرڏيهي ميڊيا موجب فائرنگ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي، واقعو دهشتگردي آهي يا نه جاچ ڪئي پئي وڃي.

پوليس موجب، آمريڪي رياست ميري لينڊ جي علائقي اينا پولس ۾ هڪ شخص “ ڪيپٽل گزٽ” اخبار جي نيوز رومز ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي 5 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس پهچي فائرنگ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ جيروڊ راموس نالي طور ٿي.

پوليس موجب، جوابدار نيوز روم ۾ هينڊگن سان فائرنگ ڪئي، جنهن وٽان اسموڪ هينڊ گرينيڊز به هٿ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته عمارت ۾ 170 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا.

پوليس موجب، واقعو دهشتگردي آهي يا نه جاچ ڪئي پئي وڃي، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

آمريڪي ميڊيا موجب، جوابدار جو ڪيپٽل گزٽ سان پراڻو تڪرار هو، اخبار جوابدار خلاف جولاءِ 2011 ۾ هم مضمون شايع ڪيو هو.

ٻئي طرف اخبار ڪيپٽل گزٽ کي گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون به ڏنيون ويون هيون.

ميري لينڊ جي گورنر ليري هوگن ٽوئيٽر تي پيغام ۾ چيو آهي ته کيس هن واقعي تي تمام گهڻو صدمو پهتو آهي.

هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به هن واقعي بابت بريفنگ ڏني وئي آهي،

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ متاثرن ۽ سندن وارثن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*