آئرلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان گيري ولسن چيو آهي ته ڀارتي ٽيم هٿان پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست تي کيس مايوسي ٿي آهي پر هو بهترڪارڪردگي لاءِ پر اميد آهي

آئرلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان گيري ولسن چيو آهي ته ڀارتي ٽيم هٿان پهرين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست تي کيس مايوسي ٿي آهي پر هو بهترڪارڪردگي لاءِ پر اميد آهي.

آئرلينڊ جي ٽيم کي ڀارتي ٽيم پهرين ٽي-ٽوئنٽِي ميچ ۾ هڪ طرفي مقابلي بعد 76رنز تان شڪست ڏني هئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي آئرش ٽيم جي ڪپتان گيري ولسن چيو ته ميچ ۾ نوجوان رانديگرن جو هڪ وڏو انگ شامل هو،جن بهتر ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

هن چيو ته ڀارتي ٽِيم جي بيٽسمينن بهتري بيٽنگ ڪئي ۽ 208رنز اسڪورڪيون.

آئرش ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيوته هو ايندڙ ميچز ۾بهتر پرفامنس لاءِ گهڻو پراميدآهي.

ان موقعي تي ڀارتي ٽيم جي ڪلديپ ياديوِ چيو ته ميچ لاءِ تيار ڪيل وڪيٽ سپوٽنگ هئي،جنهن تي کين ٽنهي شعبن ۾ بهتر پرفامنس جومظاهرو ڪرڻ مدد ملي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*