فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي وئي،جنهن بعد ناڪ آئوٽ مرحلو 30 تاريخ کان شروع ٿيندو

فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي وئي،جنهن بعد ناڪ آئوٽ مرحلو 30 تاريخ کان شروع ٿيندو.

روس جي مختلف شهرن ۾جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ جو پهرين مرحلو مڪمل ٿي ويوآهي.

ناڪ آئوٽ مرحلي جي شروعات 30 جون کان ٿيندي،جنهن جي پهرين ميچ فرانس ۽ارجنٽيناجي  ٽيمن وچ ۾کيڏي ويندي،ٻي ميچ ۾ يوراگوئي جي ٽيم پورچوگال سان مقابلو ڪندي.

ناڪ آئوٽ مرحلي جي ٻي ميچ پهرين جولاءِ تي اسپين ۽روس جي ٽيمن وچ ۾ رٿيل آهي ۽ ساڳئي ڏينهن تي ڪروشيا جي ٽِيم ڊينمارڪ سان مقابلو ڪندي.

برازيل ۽ ميڪسيڪو جي ٽيمون ٻه جولاءِ تي هڪ ٻئي جي سامهون ٿينديون ۽ بيلجيم جي ٽيم جاپان سان مهاڏو اٽڪائيندي.

ايندڙ مهيني جي 3 تاريخ تي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾سويڊن ۽ سوئيٽزرلينڊ جي ٽيمون هڪ ٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون، ڪولمبيا انگلينڊ سان اهم ميچ کيڏندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*