لاهور هاءِ ڪورٽ ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

 لاهور هاءِ ڪورٽ، ممبئي حملا ڪيس جي مبينا مـُک جوابدار ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي خلاف درخواست  رد ڪري ڇڏي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمود مقبول باجوه تي ٻڌل سنگل بينچ ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ذڪي الرحمان لکوي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته حڪومت بنا ڪنهن ثبوتن جي کيس چوٿون ڀيرو نظربند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکوي کي نظربند ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي.

 ذڪي الرحمان لکوي جي وڪيل عدالت کي استدعا وئي ته لکوي جي نظربندي کي ڪالعدم قرار ڏئي کيس آزاد ڪيو وڃي.

عدالت، ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي خلاف درخواست رد ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*