ٺارو شاهه ۾ گهر ڊاهڻ ۽ ٻين مبينا ڏاڍائين خلاف درٻيلو واسڻ عورت  احتجاجي مظاهرو ڪيو

ٺارو شاهه ۾ گهر ڊاهڻ ۽ ٻين مبينا ڏاڍائين خلاف درٻيلو واسڻ عورت  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

درٻيلو واسڻ عجيبان زال اسد سهاڳ ڏيرن جي ڏاڍاين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي متاثر عورت چيوته سندس مڙس پورهيو ڪري بچن جو پيٽ پاليندو آهي،پر ڏيرن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڏير ممتاز ۽ رجب سهاڳ سندن گهر تي قبضو ڪري گهر ڊاهي ڇڏيو آهي ۽ گهر ۾  پيل سمورو سامان کڻي ويا آهن.

هن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي  ته سندس ڏيرن خلاف ڪارروائي ڪري کين  تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*