ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حنيف پتافي کي ٽڪيٽ نه ملڻ تان ڪارڪنن جو شاهه محمود قريشي جي گهر ٻاهران احتجاج جاري آهي

ملتان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حنيف پتافي کي ٽڪيٽ نه ملڻ تان ڪارڪنن جو شاهه محمود قريشي جي گهر ٻاهران احتجاج جاري آهي، شاهه محمود قريشي حنيف پتافي کي ڳالهين لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.

ملتان ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي گهر ٻاهران پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جو ڌرڻو جاري آهي،

ڌرڻي ۾ پي پي 289 ڊي جي خان سان تعلق رکندڙ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن شريڪ آهن.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جيستائين حنيف پتافي کي ٽڪيٽ نٿي ملي ته تيستائين احتجاج جاري رکنداسين.

مظاهرين چيو ته پي پي 289 تان حنيف پتافي کي ٽڪيٽ نه ملڻ ناانصافي آهي.

ٻئي طرف احتجاج سبب شاهه محمود قريشي حنيف پتافي کي ڳالهين لاءِ ڪري ورتو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*