اليڪشن ڪميشن پارٽي صدارت معاملي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ نياز انقلابي جي درخواست تي اڳوڻي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪندي 9 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن پارٽي صدارت معاملي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ نياز انقلابي جي درخواست تي اڳوڻي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪندي 9 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو.

اليڪشن ڪميشن ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ نياز انقلابي جي درخواست تي پارٽي صدارت خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته نوازشريف  جي نالي سان پارٽي رجسٽرڊ نه هئڻ گهرجي، کيس سپريم ڪورٽ نااهل قرار ڏئي چڪي آهي ۽ هڪ نااهل شخص جي نالي تي پارٽي رجسٽرڊ نه ٿي ٿي سگهي.

درخواستگذاراستدعا ڪئي ته سپريم ڪورٽ جي 28 جولاءِ 2017 جي فيصلي جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن ڪارروائي ڪري.

اليڪشن ڪميشن درخواستگذار جو موقف ٻڌڻ بعد نوازشريف کي نوٽيس جاري ڪندي کيس 9 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو. نوٽيس نوازشريف جي جاتي امرا واري اڊريس تي موڪليو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*