نيب لاهور شهبازشريف کي پنجاب پاور ڪمپني ڪيس ۾ 5 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو

نيب لاهور شهبازشريف کي پنجاب پاور ڪمپني ڪيس ۾ 5 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته آشيانه اقبال هائوسنگ ڪيس ۾ احد چيما خلاف ريفرنس به داخل ڪيو ويو آهي.

نيب لاهور پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪيس ۾ 5 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي.

ساڳئي اسڪينڊل ۾ راولپنڊي جي تڪ اين اي 59 تان چوڌري نثار سان مقابلي ۾ بيهندڙ مسلم ليگ ن جي اميدوار قمر اسلام کي به نيب گرفتار ڪيو آهي.

هوڏانهن نيب اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل لاهور ڊيولپمينٽ اٿارٽي احد چيما خلاف ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو.

نيب جي عملدارن موجب، احد چيما خلاف ريفرنس آشيانا اقبال سوسائيٽي ڪيس ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.

واضح رهي ته نيب لاهور احد چيما کي 21 فيبروري تي گرفتار ڪيو هو، جهن تي پنجاب حڪومت سخت احتجاج ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*