حيدرآباد جي پي ايس 63 تي تبديلي پسند پارٽي سربراهه علي قاضي جي حمايت ۾ پي ٽي آءِ اميدوار سهيل جهيجو ۽ آزاد اميدوار الطاف انڙ هٿ کڻي ويا

حيدرآباد جي پي ايس 63 تي تبديلي پسند پارٽي سربراهه علي قاضي جي حمايت ۾ پي ٽي آءِ اميدوار سهيل جهيجو ۽ آزاد اميدوار الطاف انڙ هٿ کڻي ويا، تبديلي پسند پارٽي پاران اين اي 225 تي تحريڪ انصاف جي اميدوار خاوند بخش جهيجو جي حمايت جو اعلان ڪيو  ويو آهي.

 قاسم آباد جي جهيجا هائوس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اميدوار سهيل جهيجو ۽ آزاد اميدار الطاف انڙ تبديلي پسند پارٽي سربراهه علي قاضي جي حق ۾ هٿ کڻي ويا.

سهيل جهيجو ۽ الطاف انڙ چيو ته علي قاضي جي ڀرپور چونڊ مهم هلائي کيس 25 جولاءِ تي عوام جي ووٽ مدد سان ڪامياب ڪرائينداسين.

الطاف انڙ چيو ته 30 سال پ پ  کي ڏنا پر ڪجهه به حاصل نه ٿيو آهي، اڄ پ پ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيان ٿو.

علي قاضي چيو ته خاوند بخش جهيجو ، سهيل جهيجو ۽ الطاف انڙ جو حمايت ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان، جن پي ايس 63 تي منهنجي حمايت ڪئي آهي.

هن چيو ته تبديلي پسندس پارٽي اين اي 225 تي پي ٽي آءِ اميدوار خاوند بخش جهيجو جي حمايت ڪندي.

علي قاضي چيو ته 4 ڏهاڪن کان اجاره داري قائم ٿيل آهي، جنهن ڪري ماڻهو تعليم، صحت ۽ پاڻي سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن.

هن چيو ته پي ايس 63 تي چونڊ مهم دوران ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڄڻ مان ٿر ۾ گهمي رهيو آهيان، ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت به ناهي.

علي قاصي چيو ته هن ڀيري ماڻهو سنڌ جي خوشحالي ۽ پنهنجي بهتري لاءِ ووٽ ڏيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*