ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ  ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته 31 سال پراڻن ڪيسن ۾ پيش ٿيو آهيان

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ  ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته 31 سال پراڻن ڪيسن ۾ پيش ٿيو آهيان، 25 جولاءِ تي ايم ڪيو ايم پنهنجي روايتي سيٽن تان ڪامياب ٿيندي.

سٽي ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته بهادر آباد واپس وڃڻ واري عمل جي ڪارڪنن ساراهه ڪئي آهي.

هن چيو ته منهنجي ذاتي راءِ آهي ته مون کي اليڪشن نه وڙهڻ گهرجي، جن تڪن تان چونڊ وڙهڻو آهي انهن بابت شام تائين فيصلو ٿي ويندو.

ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيندا، ان حوالي سان ڪارڪنن کي پهرين ئي مبارڪون ڏيان ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*