نگران حڪومت ٻيو ڀيرو عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ورتيون

نگران حڪومت ٻيو ڀيرو عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ورتيون، اوگرا پيٽروليم شين ۾ 12 رپين تائين واڌ لاءِ سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

نگران حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن.

اوگرا پاران ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪليل سمري ۾ پيٽرول 5 رپيا 40 پئسا، لائيٽ ڊيزل 10 رپيا 50 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 12 رپيا واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

اوگرا پاران ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪليل سمري ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 6 رپيا 20 پئسا واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ناڻي واري وزارت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ردوبدل جي سڀاڻي منظوري ڏني ويندي جڏهن ته نوان اگهه پهرين جولاءِ کان سموري ملڪ ۾ لاڳو ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*