آرمي ميڊيڪل ڪالج راولپنڊي ۾ 37هين ايم بي بي ايس جي ڪانووڪيشن جي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي

آرمي ميڊيڪل ڪالج راولپنڊي ۾ 37هين ايم بي بي ايس جي ڪانووڪيشن جي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب راولپنڊي ۾ آرمي ميڊيڪل ڪاليج اندر ڪانوڪيشن تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ شاگردن ۽ سندن والدين سميت حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرز به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ترجمان موجب ڪانوڪيشن تقريب ۾ ڊاڪٽر تيميمه اعجاز کي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي آرمي چيف گولڊ ميڊل سان نوازيو جڏهن ته تقريب ۾ ڊاڪٽر زنيره سعيد کي صدارتي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب ڪانوڪيشن ۾ ڪيپٽن محمد شعيب کي بهترين ملٽري ڪيڊٽ جو گولڊ ميڊل ڏنو ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ان موقعي تي آرمي چيف پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگردن جي بهتر مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آرمي ميڊيڪل ڪاليج راولپنڊي جي ڪارڪردگي جي به واکاڻ ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*