لاهور، جهنگ، حافظ آباد، چيچا وطني، خانيوال، ميانوالي سميت پنجاب  جي مختلف علائقن ۾ سانوڻي جي برسات جاري آهي

لاهور، جهنگ، حافظ آباد، چيچا وطني، خانيوال، ميانوالي سميت پنجاب  جي مختلف علائقن ۾ سانوڻي جي برسات جاري آهي، موسميات کاتي پاران ڪراچي، حيدر آباد، ميرپور خاص ۾ برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

گذريل رات کان پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.

لاهور، فيصل آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات ٿي، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.

برسات سبب ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي فراهمي معطل ٿي وئي.

قصور، پاڪ پتن، ميان چنون، اوڪاڙا، شور ڪوٽ ۾ به تيز برسات کانپوءِ هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.

موسميات کاتي موجب، لاهور، گوجرانوالا، راولپنڊي، فيصل آباد، ساهيوال، بهاولپور، مالا ڪنڊ ۽ هزاره ۾ ڪجهه علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات ٿي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب، ميرپورخاص، ڪراچي، حيدرآباد ڊويزن، اسلام آباد، فاٽا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ جي ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، ڪوئيٽا ۽ زوب ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 25، دالبندين، نوڪنڊي، پنجگور ۽ تربت ۾ 32 سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گوادر، لسٻيلا ۽ جيوني ۾ 29، پسني ۾ 31، قلات ۾ 22 سينٽي گريڊ گرمي پد پهچڻ جو امڪان آهي.جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*