آسٽريليا هڪ دلچسپ ۽ سخت مقابلي بعد پاڪستان جي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي ٽين ڪوارٽر فائنل ۾ ميزبان آسٽريليا هڪ دلچسپ۽سخت مقابلي بعد پاڪستان جي ٽيم کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي.

آسٽريلوي شهر ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويل ورلڊڪپ جي ٽين ڪوارٽر فائنل ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جوفيصلو ڪيو.

قومي ٽيم جا اوپنرز هڪ ڀيرو مڪمل طور تي ناڪام رهيا.

احمد شهزاد 5، جڏهن ته گذريل ٻن ميچز ۾مين آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪندڙ سرفراز احمد صرف 10 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو.

اوپنرز جي آئوٽ ٿيڻ بعد ڪپتان مصباح الحق ۽ حارث سهيل ٽيم جي ٽوٽل کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

مصباح الحق 34 ۽ حارث سهيل 41رنز ٺاهڻ بعد آئوٽ ٿيا، عمر اڪمل 20، صهيب مقصود 29، شاهد آفريدي 23، وهاب رياض 16، جڏهن ته احسان عادل 15رنز اسڪور ڪري نمايابيٽسمين رهيا.

ميزبان ٽيم پاران جوش حازلووڊ 4، مچل اسٽارڪ ۽گلين ميڪسويل 2-2، جڏهن مچل جانسن ۽فالڪنر هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

آسٽريليا جي ٽيم پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 214رنز جو ٽارگيٽ 33 ڏهائي 5 اوورس ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

 59 جي مجموعي اسڪور تي 3 آسٽريلوي بيٽسمين آئوٽ ٿيا، ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ 8، آرون فنچ 2، ڊيوڊ وانر 24۽ اسٽيون سمٿ 65 رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته شين واٽسن 64 ۽ گلين ميڪسويل 44رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پاڪستان پاران وهاب رياض 2، جڏهن ته سهيل خان ۽احسان عادل هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*