عام چونڊن لاءِ اميدوارن جي آخري لسٽ ۽ چونڊ نشان اڄ جاري ڪيا ويندا

عام چونڊن لاءِ اميدوارن جي آخري لسٽ ۽ چونڊ نشان اڄ جاري ڪيا ويندا، چونڊ مهم 23  جولاءِ تي رات جو 12 وڳي ختم ٿي ويندي، اميدوار پنهنجي سيٽ کٽڻ لاءِ 23 ڏينهن لاءِ مهم جاري رکي سگهندا.

عام چونڊن لاءِ اميدوارن جون حتمي فهرستون اڄ آر اوز ۽ ڊسٽرڪٽ ريٽننگ آفيسرن  جي آفيسن ۾ لڳايون وينديون ۽ چونڊ نشان به جاري ڪيا ويندا.

ملڪ ۾ عام چونڊون 25 جولاءِ تي ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان تياريون به جاري آهن،

گذريل ڏينهن اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ ۽ ٽڪيٽ جمع ڪرائڻ جو عمل مڪمل ٿي ويو هو، جنهن دوران ڪيترن ئي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ واپس ورتا آهن.

اميدوارن جي اڄ حتمي فهرست لڳائي ويندي ۽ چونڊ نشان به جاري ڪيا ويندا، جنهن بعد اميدوارن پهرين جولاءِ سان 23 جولاءِ تائين چونڊ مهم هلائي سگهندا ۽ اميدوارن کي مهم لاءِ 23 اميدوارن ڏينهن ڏنا ويندا.

اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب، اميدوار پولنگ کان 48 ڪلاڪ اڳ چونڊ مهم ختم ڪرڻ جا پابند هوندا. جنهن کانپوءِ 25 جولاءِ تي عام چونڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ پولنگ ٿيندي.

واضح رهي ته عام چونڊن لاءِ پولنگ جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ به وڌايو ويو اهي ۽ هاڻ ووٽرز 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*