عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ سياستدانن پنهنجي اثاثن سان گڏ پنهنجي تعليمي قابليت ۽ پيشو ظاهر ڪيو آهي

عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ سياستدانن پنهنجي اثاثن سان گڏ پنهنجي تعليمي قابليت ۽ پيشو ظاهر ڪيو آهي، جنهن موجب، آصف علي زرداري نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي تعليمي قابليت ڊپلوما ٻڌائي آهي، بلاول ڀٽو زرداري آڪسفورڊ يونيورسٽي مان سياست ۾ ماسٽر ڪئي آهي.

ملڪ جي سياستدانن ۾ ڪير ڪيترو امير آهي ۽ ڪهڙِي سياستدان جا ڪيترا اثاثا آهن، اهو ذڪر ته ٿيندو رهندو آهي پر ڪهڙو سياستدان ڪيترو پڙهيل آهي ۽ سندس پيشو ڪهڙو آهي، ووٽ کان اڳ اهو ڄاڻڻ عوام لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي.

عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ سياستدانن پنهنجي اثاثن سان گڏ پنهنجي تعليمي قابليت ۽ پيشو ظاهر ڪيو آهي

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان به گريجوئيٽ ڪئي آهي ۽ سندس پيشو فلنٿراپسٽ، موٽيويشنل اسپيڪر ۽ پارليامينٽرين ٻڌايو آهي.

پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز  جي سربراهه آصف علي زرداري  نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي تعليمي قابليت ڊپلوما ٻڌائي آهي پر سندس ڊپلوما بابت ڪي به تفصيل نه ٻڌايا ويا آهن، جڏهن ته سندس پيشو زراعت ۽ ڪاروبار آهي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 2010 ۾ برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي تاريخ ۽ سياست ۾ ماسٽرز ڪئي آهي.

اڳوڻي صدر پرويز مشرف پنهنجي تعليمي قابليت ايم ايس ٻڌائي آهي، جڏهن ته سندس پيشو فري لانس ليڪچرز آهي.

جمعت علماءَ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ميٽرڪ ڪئي آهي ۽ سندس پيشو مذهبي درس ۽ تدريس آهي.

جماعت اسلامي جو امير سراج الحق ايم اي ڪئي آهي، جڏهن ته قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو گريجوئيٽ ۽ وڏيرو آهي.

عوامي نيشنل پارٽي جو سربراهه اسفند يار ولي بي ڪام ڪئي آهي، سندس پيشو لينڊ لارڊ ۽ سياست آهي.

خيبرپختونخواهه جو اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ ميٽرڪ ڪئي آهي ۽ هو ڪاروبار ي شخص آهي.

ليگي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز انگريزي ۾ ايم اي ڪئي آهي.

مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف بي اي ڪئي آهي ۽ سندس پيشو سياست ۽ ڪاروبار آهي.

پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جي تعليمي قابليت ايم بي اي آهي. جڏهن ته سندس پيشو بزنس ڪنسلٽنٽ آهي.

عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد احمد ايم اي ايل ايل بي ڪئي آهي ۽ هن پنهنجو پيشو ڪاروبار ٻڌايو آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*