شهداد ڪوٽ ۾ پاڻي جي اڻهوند خلاف آبادگارن ۽ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

شهداد ڪوٽ ۾ پاڻي جي اڻهوند خلاف آبادگارن ۽ مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن  احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

آبادگارن ۽ ڪارڪنن غفار پندراڻي، ڪجلو مغيري ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ٽانوري شاخ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي آبادگارن چيو ته سيف الله مگسي برانچ مان نڪرندڙ شاخن قبو، نورپور، ڍوري، ۽ پتوجا سميت 15 کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي.

پاڻي جي سخت کوٽ سبب آبادگار اڃان تائين ٻيجارو پوکي نه سگهيا آهن، جڏهن ته پاڻي نه هجڻ ڪري جانور ۽ پکي اڃ مري رهيا آهن.

 هنن مطالبو ڪيو ته سيف الله ڪئنال جي شاخن ۾ پاڻي پهچائي، آبادگار کي معاشي بدحالي کان بچايو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*