نوازليگ جي صدر ميان شهباز شريف ملڪ ۾ قومي حڪومت جوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

نوازليگ جي صدر ميان شهباز شريف ملڪ ۾ قومي حڪومت جوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، شهباز شريف چيو آهي ته ته قومي حڪومت جي تجويز ان ڪري ڏني آهي ته جيئن ڪنهن کي لاڪ ڊائون يا لانگ مارچ ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهي، پنجاب نيب جي نشاني تي آهي، نندي پور منصوبي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪندڙ بابر اعواڻ کان ڪو به پڇاڻو نه ٿو ڪيو وڃي.

نوازليگ جي صدر ميان شهباز شريف ملڪ ۾ قومي حڪومت جوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.

شهبازشريف چيو آهي ته  قومي حڪومت ان ڪري چاهيون ٿا ته ڪير  لاڪ ڊائون ۽ لانگ مارچ نه ڪري.

نواز ليگ صدر چيو ته پاڪستان جي اهم معاملن تي هڪ بيانيو هئڻ گهرجي،

هن چيو ته پنجاب سڀ کان وڌيڪ نيب جي نشاني تي آهي، جتي اربين ريپن جي ڪرپشن ٿي، نيب اتي ڪارروائي نه ڪئي.

شهباز شريف چيو ته بابر اعواڻ ننديپور پروجيڪٽ ۾بنا نيلامي جي 30 ارب لڳايا، پر ڪرپشن تي بابر اعواڻ خلاف ڪارروئي نه ڪئي وئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*