جي يو آءِ (ف) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي اين اي 3 تان حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

جي يو آءِ (ف) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي اين اي 3 تان حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، پ پ اميدوار فيصل ڪريم ڪنڊي به پي ٽي آءِ اميدوار جي حمايت ۾ چونڊ تان هٿ کڻي ويو آهي.

مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشڙيف سوات جي تڪ اين اي 3 تان چونڊ وڙهي رهيو آهي ۽ مولانا فضل الرحمان به سندس حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو،

سوات مان ايم ايم اي جي اميدوار مولانا حجت الله کان ٽڪيٽ واپس ورتي وئي آهي، مولانا فضل الرحمان به ريٽرننگ آفيسر کي خط لکي ڇڏيو آهي. جنهن بعد مولانا حجت الله آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف مولانا فضل الرحمان جي پٽ کي شڪست ڏيڻ لاءِ پيپلزپارٽي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي به ميدان تي لهي آيو آهي.

اين اي 37 ڊيرا اسماعيل خان تي فصل ڪريم ڪنڊي پي  ٽي آءِ اميدوار حبيب الله ڪنڊي جي حق ۾ اليڪشن وڙهڻ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جو چوڻ آهي ته هن تڪ تان مولانا فضل الرحمان جو پٽ اليڪشن وڙهي رهيو آهي، جي يو آءِ ف جي اميدوار کي شڪست ڏيڻ لاءِ فيصلو ڪيو آهي،

فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان گڏيل محاذ جوڙِنداسين ۽ پي ٽي آءِ اميدوار حبيب الله ڪنڊي سان سهڪاربه ڪنداسين ……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*