تحريڪ انصاف اڄ کان چونڊ مهم جي باضابطه شروعات ڪري رهي آهي

تحريڪ انصاف اڄ کان چونڊ مهم جي باضابطه شروعات ڪري رهي آهي، اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ مهم جي شروعات واري ميڙاڪي کي عمران خان خطاب ڪندو ۽ ايندڙ چونڊن لاءِ پنهنجو پروگرام ٻڌائيندو.

تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، عمران خان اين اي 53 اسلام آباد تان پنهنجي چونڊ مهم جي شروعات ڪندو ۽ ڪنوينشن سينٽر ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندو.

ورڪرز ڪنوينشن سينٽر ۾ اسلام آباد جي ٽن تڪن تان قومي اسيمبلي جي نامزد اميدوار، ڪارڪن ۽ اڳواڻ شريڪ ٿيندا.

ورڪرز ڪنوينشن کي اسد عمر، راجا خرم نواز ۽ علي اعواڻ به خطاب ڪندو. ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد جي ڪارڪنن کي دعوت ڏني وئي آهي. ……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*