عام چونڊن لاءِ اميدوارن پاران هٿ کڻڻ جو وقت پورو ٿيڻ بعد اڄ اميدوارن جون حتمي فهرستون جاري ڪيون وينديون

عام چونڊن لاءِ اميدوارن پاران هٿ کڻڻ جو وقت پورو ٿيڻ بعد اڄ اميدوارن جون حتمي فهرستون جاري ڪيون وينديون، چوڌري نثار کي اين اي 59 ، اين اي 63، صوبائي تڪن پي پي 10 ۽ پي پي 12 لاءِ جيپ جو نشان ملي ويو آهي.

عام چونڊن لاءِ اميدوارن پاران هٿ کڻڻ جو وقت پورو ٿيڻ بعد اڄ اميدوارن جون حتمي فهرستون جاري ڪيون وينديون،

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب سڀني  اميدوارن کي اڄ شام 4 وڳي تائين چونڊ نشان  الاٽ ڪيا ويندا،

اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار عام چونڊن لاءِ جيب جو چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. آر آو شبريز اختر راجا درخواست منظور ڪندي  چوڌري نثار کي جيپ جو نشان الاٽ ڪري ڇڏيو.

چوڌري نثار اين اي 59 ، اين اي 63، پي پي 10 ۽ پي پي 12 لاءِ جيپ جو نشان الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

واضح رهي ته اين اي 59 ۾ چوڌري نثار جو مقابلو ن ليگ اڳواڻ قمر الاسلام سان ۽ اين اي 63 ۾ تحريڪ انصاف اميدوار غلام سرور سان مقابلو ٿيندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*