ڪراچي جي مقامي عدالت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ ڀڃڪڙي ڪيس ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي

ڪراچي جي مقامي عدالت لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ ڀڃڪڙي ڪيس ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪيس 31 سال پراڻو آهي، ڪارڪنن ۽ همداردن جي چوڻ تي اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهيان.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اميدوارن جي چونڊ رابطا ڪميٽي ڪئي آهي، سليڪٽر ڪو ٻيو  ۽ مان ڪپتان آهيان.

فاروق ستار چيو ته صوبي کي وسيلا وفاق کان ملڻ گهرجن، ڪراچي 60 کان 70 سيڪڙو روينيو ڏيڻ باوجود 2 سيڪڙو واپس ملي رهيو آهي.

هن چيو ته انصاف سستو ۽ آسان هئڻ گهرجي، وسيلن جي ورڇ منصفاڻي بنيادن تي ٿيڻ گهرجي.

فاروق ستار چيو ته مڪاني  نظام کي بااختيار بڻائڻ چاهيون ٿا، ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون 30 نه پر 40 هئڻ گهرجن.

هن چيو ته ڪراچي ۾ آدمشماري ٻيهر ڪرائي وڃي، سنڌ جي عوام کي بنيادي حق ملڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*