اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس بلوچستان جي علائقي حب ۾ گذريل چئن مهينن ۾ ڇاپن دوران هٿ ڪيل منشيات ۽ گرفتارين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس بلوچستان جي علائقي حب ۾ گذريل چئن مهينن ۾ ڇاپن دوران هٿ ڪيل منشيات ۽ گرفتارين جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، انسپيڪٽر عابد رضا شاهه چيو آهي ته چئن مهينن ۾ 3 ڪلو کان وڌيڪ چرس، ٻه ڪنٽينرز ۽ ٽرالرز تحويل ۾ ورتا ويا، جڏهن ته ٻن جوابدارن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.

اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس بلوچستان جي حب واري علائقي ۾ گذريل چئن مهينن دوران مختلف ڇاپن ۾ ساڍا ٽي هزار ڪلو چرس هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ ٻن ڪنٽينرز ۽ ٽرالرز کي به تحويل ۾ ورتو ويو.

حب انڊسٽريل ايريا  جي ليڊا چورنگي تي اينٽي نارڪو ٽيڪس پوليس حب جي انسپيڪٽر عابد رضا جي اڳواڻي ۾ منشيات خلاف ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي انسپيڪٽر عابد رضا شاهه چيو ته بلوچستان مان منشِات جي چرپر، اسمگلنگ ۽ استعمال جي روڪٿام لاءِ اينٽي نارڪو ٽڪس فورس جنگي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*