نگران سرڪار پاران ٻيو ڀيرو عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جي تيارين تي آصف زرداري ڳڻتي جو اظهار ڪندي

نگران سرڪار پاران ٻيو ڀيرو عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جي تيارين تي آصف زرداري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کان پاسو ڪري، پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان غريب عوام متاثر ٿيندو ۽ مهانگائي ۾ واڌ ايندي.

نگران سرڪار پاران ٻيو ڀيرو عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جي تيارين تي آصف زرداري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

آصف علي زرداري چيو آهي ته نگران حڪومت پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ واڌ کان پاسو ڪري. نواز حڪومت جي ستائل عوام تي نگران وڌيڪ ظلم نه ڪيو وڃي.

هن چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي وڌندي ۽ غريب ماڻهو متاثر ٿيندا.

آصف علي زرداري چيو ته نگران حڪومت عوام تي وڌيڪ مهانگائي جو بار نه وجهي.

واضح رهي ته  نگران سرڪار ٻيو ڀيرو عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن،

نگران حڪومت اوگرا تيل جي اگهن ۾ 12رپين تائين واڌ بابت سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

سمري ۾ پيٽرول 5 رپيا 40 پئسا، لائيٽ ڊيزل 10 رپيا 50 پئسا، گاسليٽ 12 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 6 رپيا 20 پئسا واڌ جي سفارش  ڪئي وئي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*