سپريم ڪورٽ پي آءِ اي جي جهازن تان قومي جهنڊن جي جاءِ تي مارخور جي تصوير لڳائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي

سپريم ڪورٽ پي آءِ اي جي جهازن تان قومي جهنڊن جي جاءِ تي مارخور جي تصوير لڳائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن به جهاز تان قومي جهنڊو نه هٽايو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن جهاز تان جهنڊو لاٿو ويو ته ان کي حڪم جي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾  بينچ پي آءِ اي  جي اثاثن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران سي اي او مشرف رسول جي مقرري جي درخواست ڪابينا ڊويزن جي حوالي ڪندي چيف جسٽس چيو ته اهو حڪومت جو اختيار آهي.

ان موقعي تي عدالت پي آءِ اي جي 10 سالن دوران سربراهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ  جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.

چيف جسٽس، مشرف رسول کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي ملڪ کان وڌيڪ پرڏيهه ۾ ڪاروبار وڌيڪ پيارو آهي، پنهنجي ڪاروبار کي وڌائيندا رهيا ۽ پي آءِ اي کي تباهه ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس آڊيٽر جنرل کي 10 ڏينهن ۾ آڊٽ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر فرخ سليم واپس اچي وڃي ۽ حصيدار به راءِ ڏين.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٽي او آرز  گڏيل آهن پر ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*