نارو ويجهو نوجوان  عورت ويم دوران تازي ڄاول ٻار سميت فوت ٿي وئي

نارو ويجهو نوجوان  عورت ويم دوران تازي ڄاول ٻار سميت فوت ٿي وئي، فوتي  عورت جي وارثن ليڊي ڊاڪٽر خلاف احتجاج ڪيو، وارثن جوچوڻ آهي ته  علاج ۾ دير ٿيڻ سبب سندن عورت فوت ٿي وئي آهي.

ڳوٺ سڪندرآباد جي رهواسڻ مسمات حنيفان زال محمد رمضان مھر سڪندرآباد اسپتال ۾ تازي ڄاول ٻار سميت  فوت ٿي وئي.

فوتي عورت جي وارثن يعقوب، رمضان  مھر ۽ ٻين اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر  خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هنن ٻڌايو ته هو مسمات حنيفان مھر کي ويم لاءِ کڻائي سڪندر آباد اسپتال پهتا، پر اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر موجود نه ھئي.

هنن چيو ته  ليڊي ڊاڪٽر گهڻو دير سان اچڻ جي ڪري سندن عورت کي تڪليف وڌي وئي  ۽ ويم بعد گھڻو رت وھڻ جي ڪري عورت حنيفان ۽ تازو ڄاول ٻار موقعي تي فوت ٿي ويا.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*