گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته شهرين جي تحفظ ۽ ڏوهن کي روڪڻ بابت ٻٽو معيار نه اپنايو وڃي

گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي چيو آهي ته شهرين جي تحفظ ۽ ڏوهن کي روڪڻ بابت ٻٽو معيار نه اپنايو وڃي. والاريل ڪشمير ۾ تشدد سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو  آهي.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مليحه لوڌي چيو ته عالمي ذميوارين جي ادائيگي ۾ ٻٽي معيار جي پاڪستان طرفان مذمت ڪئي وئي آهي.

پاڪستاني سفير چيو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي ۾ زندگي گهاري رهيا آهن ۽ فلسطين جي معاملي تي به سلامتي ڪائونسل خاموش تماشائي بڻيل آهي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن جي مارجڻ ۽ پليٽ گنز ذريعي بي گناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارا واقعا عالمي برادري آڏو آهن. جنهن سبب ڪشمير ۾ تشدد سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي.

مليحه لوڌي چيو ته ڪشميري ڀارت جي غيرقانوني قبضي ۾ زندگي گهاري رهيا آهن ۽ فلسطين جي معاملي تي به سلامتي ڪائونسل خاموش تماشائي بڻيل آهي.

مليحه لوڌي چيو ته سنگين ڏوهن جي خاتمي لاءِ گڏيل قومون هڪجهڙو معيار اختيار ڪن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*