عام چونڊن لاءِ اميدوارن جون آخري لسٽون رٽرننگ آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ۾ لڳايون ويون آهن ۽ اميدوارن کي چونڊ نشان به الاٽ ڪيا ويا آهن

عام چونڊن لاءِ اميدوارن جون آخري لسٽون رٽرننگ آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن ۾ لڳايون ويون آهن ۽ اميدوارن کي چونڊ نشان به الاٽ ڪيا ويا آهن.

اميدوارن جون لسٽون جاري ٿيڻ بعد بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم به شروع ٿي ويو  آهي

فائنل لسٽون لڳڻ ۽ چونڊ نشان جاري ٿيڻ بعد اميدوار پهرين جولاءِ کان 23 جولاءِ تائين چونڊ مهم هلائي سگهندا.

اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب اميدوار پولنگ کان 48 ڪلاڪ اڳ يعني 23 ۽ 24 جولاءِ وچ ۾ چونڊ مهم ختم ڪرڻ جا پابند هوندا.

اليڪشن ڪميشن موجب، چونڊ مهم ختم ٿيڻ کانپوءِ 25 جولاءِ تي عام چونڊن لاءِ سڄي ملڪ ۾ پولنگ هوندي. عام چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت هڪ ڪلاڪ وڌايو ويو آهي هاڻي ووٽرز صبح 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا. ………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*