سپريم ڪورٽ جي منع ڪرڻ باوجود پورٽ قاسم مان ڪوئلو کڻندڙ هڪ ڪمپني جون گاڏيون بغير ڍڪڻ جي ڪوئلو کڻي رهيون آهن

سپريم ڪورٽ جي منع ڪرڻ باوجود پورٽ قاسم مان ڪوئلو کڻندڙ هڪ ڪمپني جون گاڏيون بغير ڍڪڻ جي ڪوئلو کڻي رهيون آهن، رهواسين سڀاڻي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

رهواسين چيو ته عدالتي حڪم باوجود گاڏين وارا بغير ڍڪڻ جي ڪوئلو گهگهر ڦاٽڪ وٽ ٽرينن تائين پهچائين ٿيون، رستي تي ڪوئلو ڪرندو رهي ٿو.

رهواسين چيو ته ڪمپني ڪوئلو کڻڻ جي عالمي اصولن ۽ ضابطن تي عمل نه ٿي ڪري رهي آهي.

ماهرن جو چوڻ آھي ته روزانو ڪوئلو روڊ تي ڪرڻ سبب آسپاس جي آبادي ۾ ڪينسر تيزي سان ڦھلجي سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*