ڪراچي جي آرام باغ واري علائقي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 10 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي جي آرام باغ واري علائقي ۾  جمعي نماز کانپوءِ بوهري جماعت خاني ٻاهران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، 10کان وڌيڪ زخمي  ٿي پيا، ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڊوائيس ذريعي ڪيو ويو، جڏهن ته وڏي وزير  ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي  ڪراچي پوليس سربراهه کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

آرام باغ واري علائقي ۾ جمعي جي نماز بعد بوهري جماعت خاني ڀرسان زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾  شبير حسين ۽  حسنين نالي 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

ڌماڪو زوردار هجڻ ڪري ڀرپاسي وارين عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا ۽ ڪيترن ئي دڪانن کي به نقصان پهتو.

ڌماڪي جي اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز واقعي واري هنڌ پهتي جتان مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي  سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين مان  ڪجهه  جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس موجب، بوهري جماعت خاني ٻاهران جمعي جي نماز کانپوءِ نمازين جي گهرن ڏانهن واپسي دوران ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

ڊي آءِ جي سي آءِ ڊي  راجا عمر خطاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌماڪيدار مادو هڪ موٽر سائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو.

هن چيو ته ڌماڪي ۾ استعمال ڪيل موٽر سائيڪل جي مالڪ جي ڪيماڙي واسي لياقت طور  سڃاڻپ ٿي آهي.

ڊي آءِ جي ڏکڻ  عبدالخالق شيخ  واقعي واري هنڌ جو جائزو  وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌماڪو ٽائيم ڊوائيس ذريعي ڪيو ويو ۽ زخمين مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

وڏي وزير قائم علي شاهه ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي اي آءِ جي  کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته آءِ جي پوليس غلام حيدر جمالي ڊي آءِ جي ڏکڻ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڌماڪي بعد علائقي ۾ خوف ڇانيل آهي، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز ۽ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*