تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اڳوڻي صوبائي وزير عبدالغفور ميو سان فون تي رابطو ڪري

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اڳوڻي صوبائي وزير عبدالغفور ميو سان فون تي رابطو ڪري پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، عمران خان چيو آهي ته اسان کي عبدالغفور جهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان ن ليگ جي اڳوڻي صوبائي وزير  عبدالغفور ميو سان فون تي رابطو ڪيو ۽ کيس تحريڪ انصاف ۾شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي آهي.

چوڌري عبدالغفور چيو ته عمران خان سان ملاقات بعد تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ بابت فيصلو ڪندس.

عمران خان چيو ته توهان جي پريس ڪانفرنس ٻڌي اوهان بهادر ماڻهو آهيو، اسان کي توهان جهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته مون کي خبر آهي توهان محب وطن پاڪستاني آهيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*