سنڌ جي نگران ڪابينا اليڪشن دوران انتهائي حساس ۽ حساس پولنگ اسٽيشنز ۾ ڳجهيون ڪئمرائون لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

سنڌ جي نگران ڪابينا اليڪشن دوران انتهائي حساس ۽ حساس پولنگ اسٽيشنز ۾ ڳجهيون ڪئمرائون لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نگران وڏي وزير فضل الرحمان چيو آهي ته اجلاس ۾ ڳجهيون ڪئميرائن ڪرائي تي حاصل ڪري پولنگ اسٽيشنز تي لڳائڻ جو  فيصلو ڪيو ويو آهي.

نگران وڏي وزير فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  سي سي ٽي وي ڪئمرائون خريد ڪرڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾ اليڪشن دوران ڳجهي ڪئمرائون لڳائڻ جي منظوري ڏئي وئي آهي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪئمرائون ڪرائي تي حاصل ڪري اليڪشن دوران پولنگ اسٽيشنز تي لڳايون وينديون.

نگران وڏي وزير فضل الرحمان چيو ته صوبي ۾ 5 هزار انتهائي حساس ۽ حساس  پولنگ اسٽيشنز تي ڳجهي ڪئميرائون لڳايون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*