جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳارو چيو آهي ته پ پ يا آصف زرداري سان ڪنهن به سطح تي ڪو به رابطو ناهي ٿيو

جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳارو چيو آهي ته پ پ يا آصف زرداري سان ڪنهن به سطح تي ڪو به رابطو ناهي ٿيو، جي ڊي اي جو ننڍو ٻوٽو وڌي وڏو وڻ ٿيو آهي، ان کي نقصان پهچائڻ نٿا چاهيون.

جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پوري سنڌ ۾ پيپلزپارٽي سان ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو.

پيرپاڳارو چيو ته جي ڊي اي اتحادين سان گڏ پنهنجي موقف تي قائم آهي، عوام جي ڊي اي سان گڏ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*