ڪراچي جَي علائقي اورنگي ٽائون ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل ناري جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن خيرپور ناٿن شاهه ۾ انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو

ڪراچي جَي علائقي اورنگي ٽائون ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل ناري جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سندس وارثن خيرپور ناٿن شاهه ۾ انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او جي خاطري کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪرايو.

گذريل ڏينهن ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ لاکير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڳوٺ ڳاهو لاکير واسڻ ناري 16 ورهين جي عليشه مارجي وئي هئي.

ناري جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف سندس وارثن خيرپور ناٿن شاهه جي انڊس هاءِ وي تي باءِ پاس وٽ لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاهه احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ناري جو قتل ڪيس داخل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

مقتولا جي وارثن صحافين سان ڳالهائيندي دانهيو ته جوابدار بااثر هئڻ سبب پوليس ڪارروائي کان لنوائي رهي آهي، جڏهن ته اڃا تائين واقعي جو ڪيس به داخل ناهي ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*