ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ۾ 31 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي

ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ۾ 31 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي، نگران وفاقي ڪابينا ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ۾ واڌ بابت سمري موڪلي هئي، جنهن تي صدر ممنون حسين صحيح ڪري ڇڏي.

صدر ممنون حسين ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ۾ 31 ڏينهن جي واڌ ڪندي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي.

نگران وفاقي ڪابينا ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ۾ 31 جولاءِ تائين واڌ بابت صدر ڏانهن سمري موڪلي هئي، جنهن تي صدر ممنون حسين صحيح ڪري ڇڏي آهي.

صدر جي صحيح بعد ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم ۾ 31 جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد صارفين مقرر تاريخ تائين ايف بي آر کي آمدني جا ذريعا ظاهر ڪرڻ بنا پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري سگهن ٿا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم تحت حاصل ڪيل رقم تي بريفنگ به ڏني وئي.

ايف بي آر موجب، 51 هزار ماڻهن ايمنسٽي اسڪيم ذريعي فائدو حاصل ڪيو ۽ ايف بي آر 65 ارب رپيا وصول ڪري چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*