پيپلزپارٽي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي فوري طور فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خورشيد شاهه چيو آهي ته

پيپلزپارٽي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي فوري طور فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خورشيد شاهه چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي هٿرادو معاشي ترقي جا پول پڌرا ٿي چڪا آهن، گذريل حڪومت جي ناڪام معاشي پاليسين جي سزا  عوام کي نه ڏني وڃي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو.

پيپلزپارٽي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي فوري طور فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي هٿرادو معاشي ترقي جا پول پڌرا ٿي چڪا آهن،

هن چيو ته گذريل حڪومت جي ناڪام معاشي پاليسين جي سزا  عوام کي نه ڏني وڃي، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته نگران حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق نه کسي، نگران حڪومت کي گذريل حڪومت جي رستي تي نه هلڻ گهرجي،

خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ٿي، نگران حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي فوري طور واپس وٺي.

واضح رهي ته نگران حڪومت پاران عوام لاءِ مهانگائي جو تحفو ڏنو ويو آهي، اوگرا جي سفارش تي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪندي پيٽرول 7 رپيا 54، ڊيزل 14 رپيا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 3 رپيا 36 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي.

اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پيٽرول 99 رپيا 50 پئسا، ڊيزل 119 رپيا چار پئسا،  لائيٽ ڊيزل 80 روپيا 91 پئسا ۽ گاسليٽ 87 رپيا 70 پئسا ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*