تحريڪ انصاف اڄ بنون ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي

تحريڪ انصاف اڄ بنون ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جلسي جون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن، جلسي کي عمران خان ۽ ٻيان اڳواڻ خطاب ڪندا.

تحريڪ انصاف جو اڄ بنون ۾جلسو ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن.

جلسي گاهه کي پارٽي جي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي، جڏهن ته پنڊال ۾ 20 هزار ڪرسيون به لڳايون ويون آهن.

جلسي گاهه ۾ 80 فوٽ ڊگهو ۽ 20 فوٽ ويڪرو اسٽيج به تيار ڪيو ويو  آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن.

جلسي کي تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان ۽ ٻيا اڳواڻ اڄ شام 6 وڳي خطاب ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*