لکي غلام شاهه جي چڪ ٿاڻي مان جوابدار جي فرار ٿيڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ڪري ڊيوٽي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي ٻن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

لکي غلام شاهه جي چڪ ٿاڻي مان جوابدار جي فرار ٿيڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ڪري ڊيوٽي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي ٻن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس سياسي ڌر جي چرچ تي رشيد ڪرسي کي فرار ڪرايو آهي.

گذريل رات مختلف ڪيسن ۾ گرفتار جوابدار رشيد ڪرسي چڪ ٿاڻي جي لاڪ اپ مان فرار ٿي ويو.

ايس ايس پي شڪارپور، واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو، جنهن تي ايس ايڇ او عاشق ابڙو جي فرياد تي ٻن پوليس اهلڪار ۽ فرار ٿيل جوابدار تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب، چڪ ٿاڻي جي ڊيوٽي انچارج لياقت چنو ۽ پوليس اهلڪار نعمت الله هڪڙو کي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ت جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ٻئي پاسي جوابدار جي وارثن مڙهيو آهي ته پوليس سياسي ڌر جي چرچ تي جوابدار کي فرار ڪرايو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*