وڳڻ ۾ پاسپورٽ آفيس جي انچارج جي مبينا زيادتين خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو

وڳڻ ۾ پاسپورٽ آفيس جي انچارج جي مبينا زيادتين خلاف جي يو آءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جي يو آءِ جي سڏ تي قاري محمد عثمان مغيري، مولانا صفيان تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاسپورٽ آفيس انچارچ مدرسي جي شاگردن سان بدتميزي ڪري کين آفيس مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پاسپورٽ آفيس انچارج خلاف قدم کنيو وڃي، ٻي صورت ۾ تحريڪ هلائي ويندي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*