قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 155 لاءِ جاري ڪيل اميدوارن جي حتمي لسٽ ۾ تحريڪ انصاف جي ڪنهن به اميدوارن جو نالو موجود نه آهي

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 155 لاءِ جاري ڪيل اميدوارن جي حتمي لسٽ ۾ تحريڪ انصاف جي ڪنهن به اميدوارن جو نالو موجود نه آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته تڪ اين اي 155  جي حتمي لسٽ ريٽرننگ آفيسر تيار ڪئي آهي. ملڪ عامر ڊوگر چيو آهي ته حتمي لسٽ ۾ غلطي سبب سندس نالو نه لکيو ويوآهي، جنهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ڪجهه دير ۾ نئين فهرست جاري ڪندي

تحريڪ انصاف جي اميدوار ملڪ عامر ڊوگر اين اي 155 ملتان تان نامزدگي ڪاغذ ۽ پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي هئي پر سندس نالو اميدوارن جي حتمي فهرست ۾ موجود نه آهي ۽ نه ئي تحريڪ انصاف جي ڪنهن اميدوار جو نالو لسٽ ۾ آيو آهي.

هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته تڪ اين اي 155  جي حتمي لسٽ ريٽرننگ آفيسر تيار ڪئي آهي.

ملڪ عامر ڊوگر چيو آهي ته حتمي لسٽ ۾ غلطي سبب سندس نالو نه لکيو ويوآهي، جنهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ڪجهه دير ۾ نئين فهرست جاري ڪندي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*