اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشنز جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پولنگاسٽيشنز جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب، سڄي ملڪ ۾ 85 هزار 307 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. مردن جي لاءِ 23 هزار 424  ۽ عورتن لاءِ 21 هزار 707 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پولنگ اسٽنشنز جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا،

اليڪشن ڪميشن موجب، سڄي ملڪ ۾ مردن لاءِ 23 هزار 424 ۽ عورتن لاءِ 21 هزار 707 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. جڏهن ته مرن ۽ عورتن لاءِ گڏيل طور 40 هزار 133  پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب، پنجاب ۾ 47 هزار 813، سنڌ  17 هزار 747، بلوچستان ۾ 4 هزار 420، خيبرپختونخواهه ۾ 12 هزار 634 ۽ فاٽا ۾ 1986 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.

جاري ڪيل پڌرائي موجب، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 797 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*