دولتپور صفن ۾ قاضي احمد پوليس جي تشدد ۾ مارجي ويل شاگرد سجاد جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن سان گڏ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

دولتپور صفن ۾ قاضي احمد پوليس جي تشدد ۾ مارجي ويل شاگرد سجاد جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن سان گڏ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

مقتول شاگرد سجاد جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ مختلف سياسي سماجي پارٽين دولتپور صفن ۾ گلڻ ڄام کان مين روڊ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙ اڳواڻن الزام مڙهيو ته چيو ته نوابشاهه جيل انتظاميا، جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او سرور زرداري کي رات جي پيٽ ۾ آرام لاءِ گهر وٺي وڃي ٿي، جڏهن ته ٻي مک جوابدار عيل بخش مگسي کي نوابشاهه پوليس پروٽول جي صورت ۾ فرار ڪرايو ويو آهي.

اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته شاگرد سجاد جوکيو جا سمورا جوابدار گرفتار نه ٿيا ته زرداري هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*